رانديون

October 11, 2022 4:19 pm

وومين ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

وومين ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيمي فائنل 13 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو.

پاڪستان ٽيم سريلنڪا جي وومين ٽيم پاران ڏنل 113 رنسن جو هدف 7 بالن اڳ ئي حاصل ڪري ورتو.

سنسني خیز ميچ دوران پاڪستان جي عائشه نسيم آخري لمحن ۾ لڳاتار 2 ڇڪا هڻي ٽيم کي فتح ڏياري.

ندا ڊار 26 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي جڏهن ته عاليا رياض 20 رنسون ٺاهيون. عميمه سهيل کي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

ڪپتان بسمي معروف چيو ته عائشه ۾ ڪنهن به ميچ ۾ بهترين پرفارم ڪرڻ جي صلاحيت آهي.

ان کان اڳ سريلنڪن وومين ٽيم 18.5 اوورن ۾ 112 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان عمائمه سهيل بهترين بالنگ ڪندي 13 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون.

ميچ ۾ طوبا حسن ٻه ۽ ندا ڊار هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. سريلنڪا طرفان چماري اٿاپٿو 41 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.

اوشادي رانا سنگهي 26، حسيني پريرا 18 ۽ ڪويشا دلهاري 11 رنسون اسڪور ڪيون.

وڌيڪ پڙهو: