اهم خبرون

پاڪستان

October 11, 2022 3:49 pm

ملڪ ۾ تمام گهڻيون مافيائون آهن:چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ 1999 کان جون 2022 تائين ڪرپشن جي سمورن هاءِ پروفائيل ڪيسز جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو،

نيب قانون ۾ ترميمن خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ تمام گهڻيون مافيائون آهن،

ڪنهن جو به نالو نه ٿو وٺان، 70 کان 80 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير  کان هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن،

جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته نيب ترميم جي ذريعي ڪهڙي بنيادي حق جي ڀڃڪڙي ٿي آهي،

فرض ڪريو پارليامينت هڪ حد مقرر ڪري ڇڏي ته ڪيتري حد تائين ڪرپشن ٿيندي ته نيب معاملي کي ڏسندو؟،سوال هي آهي ته هڪ عام شهري جا حق ڪيئن متاثر ٿيا آهن،

شهري جو نيب قانون سان ڪهڙو واسطو؟،

شهري جي درخواست تي عدالت پارليامينٽ جو ٺاهيل قانون ڪيئن ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي.

وڌيڪ پڙهو: