اهم خبرون

سنڌ

October 11, 2022 2:14 pm

خيرپور ناٿن شاهه مان ڪيترو پاڻي نيڪال ٿيو آهي؟:سنڌ هاءِ ڪورٽ

خيرپور ناٿن شاهه مان ڪيترو پاڻي نيڪال ٿيو آهي؟، رائيس ڪئنال جا ڪٽ ڪڏهن بند ٿيندا؟،

مستقل طور پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪي اين شاهه مان پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت درخواست تي ڊي سي دادو ۽ ٻين عملدارن کان پڇاڻو،

عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪي اين شاھ ٻاهران پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ مشينون لڳايون آهن،

پاڻي نڪري پيو، رائيس ڪئنال کي لڳل ڪٽ به ڪجهه ڏينهن اندر بند ڪرايا ويندا،

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏنا ته سيشن ۽ سول ججز کي هدايتون ڏنيون آهن

ته مختلف علائقن جو دورو ڪري رپورٽ ڏين،

جيترو جلد ٿي سگھي گھارا بند ڪيا وڃن ته جيئن شھر جو پاڻي نيڪال ٿي سگھي.

وڌيڪ پڙهو: