اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هڪ مقرريءَ جي ڪري ملڪ جو سياسي نظام جام ٿي ويو آهي،
نواز شريف ۽ آصف علي زرداريءَ جي خواهش رديءَ جي ٽوڪري ۾ ويندي، اميد آهي ته اهم مقرري بابت فيصلو ميرٽ تي ٿيندو،
ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته نواز شريف ڊيل ۽ شهباز شريف ڍر جو منتظر آهي،
وزيراعظم جي آفيس محفوظ ناهي ته ڊي چوڪ ڪيئن محفوظ هوندو.