اهم خبرون

بين الاقوامي

دنيا

October 11, 2022 1:03 pm

ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ بابت ڀارتي وزيراعظم جي دعويٰ بي بنياد آهي:پرڏيهي کاتو

پاڪستان ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ بابت ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي کاتي جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ بابت ڀارتي وزيراعظم جي دعويٰ بي بنياد آهي،

بيان مان واضح آهي ته ڀارتي قيادت والاريل ڪشمير جي زميني حقيقت کان واقف ئي ناهي، ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار آهي،جيڪو 1948 کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود آهي،

پرڏيهي ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن باوجود ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪيو آهي،

ڪشمير مسئلي جو واحد حل ڪشميرين کي پنهنجو حق ڏيڻ ۾ ئي آهي.

وڌيڪ پڙهو: