پاڪستان

October 10, 2022 9:22 pm

راولپنڊي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ فراڊ ڪيس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ فراڊ ڪيس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن عملدارن راڻا ثناءُ الله خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي استدعا  رد ڪري ڇڏي.

اينٽي ڪرپشن عملدارن استدعا ڪندي ڄاڻايو ته گهرو وزير نه عدالت ۾ پيش ٿئي ٿو ۽ نه ئي گرفتاري ڏئي رهيو آهي، سندس خلاف توهين عدالت جـِي ڪارروائي ڪري کيس اشتهاري قرار ڏنو وڃي.

عدالت رمارڪس ڏنا ته في الحال گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا آهن، تڪڙ ۾ اشتهاري ڪيئن قرار ڏيون.

عدالت حڪم ڏنو ته ٻيهر اسلام آباد وڃو ۽ راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪري پيش ڪيو.

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف اينٽي ڪرپشن پنجاب ڪلرڪهار ۾ فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

اينٽي ڪرپشن پوليس راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي پهچي وئي.

وڌيڪ پڙهو: