پاڪستان

October 10, 2022 9:17 pm

اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان خلاف ضابطه اخلاق ڪيس جي ٻڌڻي

اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان خلاف ضابطه اخلاق ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ڏنا ته هي ڪيس ته ڏنڊ خلاف اپيل جو آهي،ڊي ايم او ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪيو.

اليڪشن ڪميشن ڄاڻايو ته ڪيترائي ڀيرا ضابطا اخلاق جي  ڀڃڪڙي تي ڊي ايم او ڪيس ڪميشن کي اماڻي ڇڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر پڇيو ته  ڏنڊ خلاف اپيل تي وڏي وزير خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟.

چيف اليڪشن ڪمشنر ڄاڻايو ته ڪميشن وڏي وزير جي اپيل تي مناسب حڪم جاري ڪندي.

وڌيڪ پڙهو: