پاڪستان

October 10, 2022 9:07 pm

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس کي قومي سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي قرار

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس کي قومي سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته آڊيو ليڪس وزيراعظم آفيس ۽ هائوس تي سواليه نشان اٿاري ڇڏيا آهن.

جاري ڪيل بيان ۾  عمران خان چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان منهنجي رهائشگاهه جي محفوظ لائين به بگ ٿي وئي.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان  چيو ته آڊيو ليڪس جي سچائي کي ثابت ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو ارادو آهي.

هن چيو ته عدالت کي جي آءِ ٽي جوڙڻ جي استدعا ڪنداسين.

واضح رهي ته نه صرف وزير اعظم جي محفوظ لائين جي جاسوسي ڪئي وئي، پر عمران خان جون پنهنجون آڊيوز به سامهون اچي رهيون آهن.

وڌيڪ پڙهو: