سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ۽ اين ٽي ايس پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن.
سانگهڙ، نوابشاهه، ٽنڊوباگو، قاضي احمد، قمبر، شهداڪوٽ، ماتلي، ڪوٽ غلام محمد، ٽنڊو آدم ۽ ٻين شهرن ۾ ٽيسٽ پاس اميدوارن احتجاجي مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي .
اميدوارن جو چوڻ آهي ته 2013 ۾ ڏنل ٽيسٽ ۾ 60 کان وڌيڪ مارڪون کڻڻ باوجود آفر آرڊر نه پيا ڏنا وڃن،جيڪا سراسر ناانصافي آهي.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته کين آفر آرڊر ڏئي پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي،ٻي صورت ۾ دمام دم مست قلندر ڪيو ويندو.