سنڌ

October 10, 2022 9:11 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل  ٽيڪس جي وصولي جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندي اسٽي آرڊر ۾ ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل  ٽيڪس جي وصولي جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندي اسٽي آرڊر ۾ ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر  مرتضيٰ وهاب ، سنڌ هائيڪورٽ ۾ پيش ٿيو،جنهن عدالت کي ٻڌايو ته عدالت پڇيو هو ته ڪنهن ٽئين ڌر جي ذريعي ٽيڪس گڏ ڪري سگهجي ٿو يا نه؟،سيڪشن 100 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽئين ڌر جي ذريعي ٽيڪس گڏ ڪري سگهجي ٿو يا نه.

جسٽس حسن اظهر رضوي  چيو ته ان ڪيس ۾ صلاح الدين احمد، فيصل صديقي، عمر سومرو کي عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيون ٿا.

ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل اعتراض واريندي چيو ته صلاح الدين ۽ فيصل صديقي ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف درخواستون  داخل ڪري ڇڏيون آهن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته انهن درخواستن ۾ قانون سازي کي چيلينج نه ڪيو ويو آهي.ڪي ايم سي يونين جي ليڊر ذوالفقار شاهه عدالت کي ٻڌايو ته ڪي ايم سي جا ملازم  به پريشان آهن.

جسٽس حسن اظهر رضوي معلوم ڪيو ملازم صحيح طريقي سان ڪم ڇو نه ڪري رهيا آهن؟.

ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جي ذريعي ٽيڪس جي وصولي هڪ شفاف عمل آهي، ساڍا  ست لک ماڻهن هي ٽيڪس ڏنو آهي، جنهن سان ساڍا ڇهه ڪروڙ رپيا جمع ٿيندا.

وڌيڪ پڙهو: