سنڌ

October 10, 2022 9:01 pm

سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن  لاءِ   امدادي سرگرميون جاري آهن،سڌ سماءَ جي وزير شرجيل انعام ميمڻ

سڌ سماءَ جي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن  لاءِ   امدادي سرگرميون جاري آهن، گذريل 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 28 هزار 675 خاندانن کي راشن فراهم ڪيو ويو.

جاري ڪيل بيان  ۾ شرجيل انعام ميمڻ  چيو ته بدين ۾ 6 هزار 200 خاندانن ۾ راشن بيگز ورهايون ويون،دادو ۾ 7 هزار 500، حيدرآباد ۾ 2 هزار، ڄامشورو ۾ 1124خاندانن ۾ راشن بيگز ورهايون ويون.

هن چيو ته ٽنڊو الهيار ۾ اڍائي هزار،لاڙڪاڻي ۾ ٻه هزار، خيرپور ۾ ٽي هزار ۽ نوشهري فيروز ۾ 600 خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو.

شرجيل ميمڻ چيو ته مجموعي طور تي 14 لک 95 هزار  773 خاندانن ۾ راشن بيگز ورهايون ويون آهن.

هن چيو ته گذريل 24ڪلاڪن ۾ متاثرن ۾ وڌيڪ 18 سو خيما،5 هيوي پمپس ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو.

صوبائي وزير چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 71 هزار 130 متاثر ريليف ڪيمپن مان پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته هن وقت ريليف ڪيمپن ۾ 2 لک 73 هزار 667 متاثر موجود آهن،ٻن وقتن جو کاڌو ڏنو پيو وڃي.

 

وڌيڪ پڙهو: