پاڪستان

October 10, 2022 8:54 pm

وزيراعظم شهباز شريف ٿـَرڪول بلاڪ ٽـُو ۽ ٿري ڪول مائينز فوز ٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف ٿـَرڪول بلاڪ ٽـُو ۽ ٿري ڪول مائينز فوز ٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف،وڏو زير مراد علي شاه،پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، چيني سفير، وڏي وزير مراد علي شاهه  ٿـَرڪول بلاڪ ٽـُو ۽ ٿري ڪول مائينز فوز ٽو جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٿر جو ريگستاني علائقو تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي،  ٿرڪول کي سموري دنيا ۾ پروموٽ ڪنداسين، ٿر ترقي ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪندو.

هن چيو ته  پاور پروجيڪٽ ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ڪري ٻه هزار 640 مگاواٽ ٿي ويندي، ايندڙ سال ٿر جي ڪوئلي مان ملڪي معيشت ۾ غير معمولي اضافو ٿيندو.

وزيراعظم چيو ته سو سيڪڙو ٿر ڪول سپلاءِ ڪيو وڃي ته بلين ڊالرز بچي ويندا، شاهد خاقان عباسي، مصدق ملڪ، احسن اقبال ۽ فواد حسن فواد به گڏجي سنڌ جهڙي پاليسي جوڙين.

هن وڌيڪ چيو ته ٿرپارڪر اچي عورت ڊرائيورن سان مليو آهيان، هزارين ماڻهن کي روزگار ملي رهيو آهي،ٿر ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلو آهي، جنهن سان گيس به تيار ڪري سگهون ٿا.

 

وڌيڪ پڙهو: