اهم خبرون

October 10, 2022 8:58 pm

سنڌ وٽ پاڪستان جـِي توانائي مسئلن جو حل موجود آهي،وڏي وزير مراد علي شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ کي توانائي جو باسڪٽ بال قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ وٽ پاڪستان جـِي توانائي مسئلن جو حل موجود آهي،  سنڌ 70 سيڪڙو گيس پيدا ڪري ٿي.

ٿرڪول تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته  ٿر جو ڪوئلو سموري ملڪ جـِي توانائي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو، 2030ع تائين ٿر جي ڪوئلي سان ملڪي معيشت ۾ غير معمولي اضافو ٿيندو.

وڏي وزير چيو ته 1996 کان 2002 تائين هن منصوبي تي ڪم شروع ٿئي ها ته پاڪستان جي صورتحال تبديل هجي ها.

هن وڌيڪ چيو ته ، عمران خان وزيراعظم طور ٿر اچڻ مناسب نه سمجهيو، ان ڪري به منصوبو دير جو شڪار ٿيو، 2014ع ۾ سياسي اختلافن باوجود تڏهوڪي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري ٿر آيا ۽ منصوبي جو افتتاح ڪيو،.

هن وڌيڪ چيو ته 2022ع جي آخر تائين هن منصوبي ۾ بجلي صلاحيت وڌي 2640 ميگاواٽ ٿي ويندي، ڪوئلي مان بجلي پيداوار جي مد ۾ قومي ناڻي کي 2 بلين ڊالر فائدو ٿيندو.

 

وڌيڪ پڙهو: