اهم خبرون

October 10, 2022 8:51 pm

اسين چاهيون ٿا ته ٿرپارڪر ۾ شهباز اسپيڊ سان ڪم ٿئي،پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسين چاهيون ٿا ته ٿرپارڪر ۾ شهباز اسپيڊ سان ڪم ٿئي، اسين هڪ سال ۾ پاڪستان اندر گرين انقلاب آڻي سگهون ٿا.

ٿر ڪول منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ٿر پاڪستان کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ خطي کي تبديل ڪندو، وفاقي حڪومت جي سهڪار سان اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿيو آهي.

هن چيو ته  پهريان ٿر بابت ٻڌايو ويندو هو ته هتي غربت آهي، اڄ ٿر جون عورتون ٽرڪ هلائڻ کان وٺي انجنيئرنگ جي شعبي تائين ڪم ڪن ٿيون.

هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي اندازو نه هو ته اسين ٿر جي ريگستان مان فيصل آباد کي بجلي پهچائينداسين، ٻوڏ متاثرن کي گهر تيار ڪري ڏيڻ وزيراعظم ۽ اسان جي ذميواري آهي.

 

وڌيڪ پڙهو: