پاڪستان

October 9, 2022 2:11 pm

پاڪستان جي پنهنجي غيرت آهي:نواز شريف

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته  پاڪستان جي پنهنجي غيرت آهي،جنهن تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته مون کان بدلو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو ٻيڙو ڇو ٻوڙيو ويو؟،

عمران خان جي دور ۾ هر شيءِ مهانگي ٿي، منهنجي دور ۾ عوام مطمئن هو، نوازشريف انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان کي 5 ارب ڊالرن جي آڇ ڪئي وئي،

پر اسان چيو ته ايبسوليوٽلي ناٽ، اسان پاڪستان پهتاسين ته ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو؟،

بهادر نياڻي جيان مريم پنهنجي والد جو ساٿ ڏنو، جنهن تي مون کي فخر آهي،

منهنجي امڙ مون سان خاص محبت ڪندي هئي ۽ پنڊي جيل ۾ هر هفتي اچي ملاقات ڪندي هئي،

هڪ ڏينهن چيائين نواز شريف نه هلندو ته مون کي به جيل ۾ رکو.

وڌيڪ پڙهو: