بين الاقوامي

دنيا

October 8, 2022 1:41 pm

پوتن کي سالگرهه جي تحفي طور هڪ ٽريڪٽر مليو

بيلاروس جي صدر پنهنجي روسي هم منصب ولاديمير پيوٽن کي سندس سالگرهه تي هڪ ٽريڪٽر تحفي طور ڏنو.

پرڏيهي ميڊيا موجب بيلاروس جي صدر صحافين کي ٻڌايو ته هن روسي صدر کي سندس 70 هين سالگرهه تي ٽريڪٽر تحفي ۾ ڏنو آهي.

رپورٽن مطابق يوڪرين ۾ ڇڪتاڻ سبب روسي صدر جي سالگرهه جي موقعي تي ملڪ ۾ جمعي تي تقريبون منعقد نه ڪيون ويون.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته روسي صدر کي سالگرهه جي موقعي تي آمريڪا ۽ برسلز طرفان ڪو به مبارڪباد جو پيغام نه مليو.

وڌيڪ پڙهو: