لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف پيش،
حمزا شهباز چيلهه ۾ تڪليف سبب عدالت ۾ پيش ٿي نه سگهيو،
وزير اعظم جي بريت جي درخواست تي شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته ڪرپشن ۽ ڪڪ بيڪس الف ليليٰ جي ڪهاڻي کانسواءِ ڪجهه به نه آهن، ايف آءِ اي به چالان ۾ 9 ارب رپين جو الزام ختم ڪري ڇڏيو، ٻڌايو ويو آهي ته انهن اڪائونٽس جو واسطو سلمان شهباز يا شريف گروپ سان نه پر مشتاق چيني سان آهي.