سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هڙ وڃائيندڙ متاثرن لاءِ بيمارين هاڃا ڪري ڇڏيا، اڄ وڌيڪ 5 حياتيون ضايع، گيسٽرو، مليريا ۽ ڊينگي جي وڌندڙ ڪيسز سبب ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسپتالون مريضن سان سٿجي ويون،
سن جي ڳوٺ وڏا گائينچا ۾ ٻارڙي سبحان گائينچو ۽ لبنيٰ لاکو مليريا وگهي فوت، ميهڙ ڀرسان ڳوٺ هيٺين اک ڪڍائي ۾ به ٻارڙو توفيق چانڊيو مليريا وگهي دم ڏنو،
جوهي ڀرسان ڳوٺ سوجهرو ميرواڻي ۾ ٻوڏ متاثر ناري فرزانه چانڊيو ۽ ڳوٺ جعفر لنڊ ۾ ڳوٺاڻو يوسف لنڊ مليريا وگهي فوت.