اهم خبرون

پاڪستان

October 8, 2022 12:34 pm

عمران خان جي سموري پروپيگنڊا ۽ ڪوڙ سامهون اچي ويو:وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان جي سموري پروپيگنڊا ۽ ڪوڙ سامهون اچي ويو، عمران  خان قوم خلاف جيڪا سازش ڪئي، ان جي آڊيو منظر تي اچي چڪي آهي،

وڏيون وڏيون فتوائون ڏيندڙ پاڻ ضمير خريد ڪندو رهيو، قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته ڪٿي ڌاڙو هڻي پئسا ضمير خريدڻ تي لڳايا ويا، جيڪي ووٽ خريد ڪيا، انهن لاءِ پئسا ڪٿان آيا؟ لاهور جي احتساب عدالت ٻاهران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عمران خان، مريم نواز کي اين آر او ملڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي،

نواز شريف ۽ مريم نواز ڪيسن کي منهن ڏنو پر ڪڏهن اين آر او نه گهريو، مريم نواز کي ميرٽ جي بنياد تي بريت ملي، عمران خان ٻڌائي ته عليمه خان ۽ فرح گوگي کي جيڪا ڪلين چٽ ملي، اهو اين آر او نه هو؟،

هيلي ڪاپٽر ڪيس، مالم جبا ۽ بلين ٽري ڪيس بند ٿيا، ڇا اهو اين آر او نه هو؟، آئون ثابت ڪري چڪو آهيان ته عمران خان سڀ کان وڏو ڪوڙو آهي.

وڌيڪ پڙهو: