اهم خبرون

پاڪستان

October 8, 2022 12:32 pm

پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري  کي ڪوسو واءَ لڳڻ نه ڏينداسين:جنرل قمر جاويد باجوه

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان کي سياسي ۽ معاشي طور غير مستحڪم ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ڏينداسين، ڪنهن به فيڪ نيوز ۽ ان جي پروپيگنڊا تي ڌيان نه ڏنو وڃي،

پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري  کي ڪوسو واءَ لڳڻ نه ڏينداسين، پاڪ فوج پنهنجي ڌرتي جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي،

پاڪستان مليٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 146هين پي ايم اي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏينداسين،

پاڪ فوج دهشتگردي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، پاس آئوٽ ٿيندڙن کي به ملڪ لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون.

وڌيڪ پڙهو: