سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ وبائي بيمارين وڌيڪ 6 حياتيون کسي ورتيون آهن.
شھدادڪوٽ جي مين پرائمري اسڪول ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر ناري حنيفه گاڏھي دماغي مليريا وگھي فوت ٿي وئي آهي.
لاڙڪاڻي جي رليف ڪيمپ ۾ پيرسن رمضان فقير مڱڻهار گيسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺو.
ٿاڻوبولاخان ۾ نوجوان شاهنواز خاصخيلي وبائي بيمارين سان جهيڙيندي دم ڏئي ڇڏيو.
ميهڙ ۾ فريد آباد واسي نوجوان سعيد ڏيرو ڊينگي وگهي ۽ غلام مصطفيٰ ڏيرو ميلريا وگهي فوت ٿي ويا.
ڊرٻ ميهر شاهه ۾ ٻارڙو سفير اڄڻ حياتي وڃائي ويٺو.