سکر جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري نيب ريفرنس ۾ نامزد پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز سردار چانڊيو ، برهان چانڊيو ۽ اويس شاهه جا ڪيس ختم ڪري ڇڏيا،عدالت نيب آرڊيننس تحت ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي اختيار ۾ نه هجڻ سبب ختم ڪيا.
سکر جي احتساب عدالت پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سردار چانڊيو ، برهان چانڊيو ۽ ۽ ايم پي اي اويس شاهه جا ڪيس ختم ڪرڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
پ پ ايم پي ايز جي وڪيلن دليل ڏيندي چيو ته نيب آرڊيننس 2022 کانپوءِ احتساب عدالت ريفرنسز تي ٻڌڻي نه ٿي ڪري سگهي.
عدالت نيب ۽ جوابدارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد پ پ ايم پي ايز اويس شاهه سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارا ڪيس واپس ڪري ڇڏيا.
واضح رهي ته پ پ ايم پي اي اويس شاهه کي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه سان گڏ آمدني کان وڌيڪ اثاثاٺاهڻ واري نيب ريفرنس ۾ نامزد ڪيو ويو هو، جڏهن ته سردار خان چانديو ۽ برهان چانڊيو خلاف نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ سرڪاري زمينن تان رائلٽي اوڳاڙڻ خلاف جاچ ڪري رهي آهي.