آمريڪا ايران تي نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ايراني گهرو وزير، مواصلات وارو وزير، ايراني فوج جا ڪمانڊر ۽ ٻيا ماڻهو پابندين ۾ شامل آهن.
آمريڪي خزاني واري کاتي موجب ايران تي نئين پابندين جو مقصد ايران ۾ انٽرنيٽ جي معطلي ۽ پرامن مظاهرين تي پرتشدد ڪريڪ ڊائون ڪري احتجاج کي دٻائڻ آهي.
پابندي مڙهيل ماڻهن جا آمريڪا ۾ اثاثا ضبط ڪيا ويندا ۽ آمريڪي فرد يا ڪمپنيون انهن ماڻهن سان ڪاروبار نه ڪري سگهندا.
واضح رهي ته ايران ۾ حجاب پائڻ جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪيل 22 سالن جي مهسا اميني 16 سيپٽمبر تي پوليس حراست ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي هئي.
ايران ۾ پوليس حراست ۾ عورت جي قتل خلاف 20 ڏينهن کان مظاهرا جاري آهن.
انساني حقن جي تنظيم موجب ايران ۾ مظاهرين خلاف ڪرڪ ڊائون ۾ هينئر تائين 133 ڄڻا مارجي ويا آهن.