ٽَي ملڪي ٽِي-ٽوئنٽي سيريز جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 21 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي،
قومي ٽيم پاران ڏنل 168 رنز جَي هدف جَي جواب ۾ بنگلاديشي ٽيم مقرر 20 اوورز ۾ 146 اسڪور ڪري سگهي،
پاڪستان پاران محمد وسيم 3، محمد نواز 2، شاهنواز ڏاهاڻي، حارث رئوف ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، محمد رضوان هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار بيٽنگ ڪندي 78 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، مين آف دي ميچ قرار.