سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وڌيڪ 3 حياتيون کسي ورتيون، شھدادڪوٽ جي مين پرائمري اسڪول ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر ناري حنيفه گاڏھي دماغي مليريا وگھي فوت،
لاڙڪاڻو ريلوي استيشن وت قائم رليف ڪيمپ ۾ پيرسن رمضان فقير مڱڻهار گيسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺو، ٿاڻوبولاخان ۽ ڀرپاسي به مليريا،گيسٽرو سميت مختلف بيماريون پکڙيل،
لونگاڻي پاڙي واسي 18 ورهين جو نوجوان شاهنواز خاصخيلي وبائي بيمارين سان جهيڙيندي دم ڏئي ڇڏيو.