وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز جي والد کان چئن سالن جي جدائي،
ڇا ان ناانصافي جو ڪو حل آهي؟، ن ليگي اڳواڻ مريم نواز جو مشڪلاتن ۽ ظلم جي دور ۾ هڪ به لڙڪ نه لڙيو،پر والد اڳيان لڙڪ روڪي نه سگهي،
جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز ناحق قيد ڪاٽيو، انهن تي الزام لڳا،کين ذهني اذيتن جو شڪار ڪيو ويو ۽ پنهنجن کان جدائي جو غم برداشت ڪيو.