پاڪستان

ڪاروبار

October 7, 2022 1:03 pm

رپئي جي ملهه ۾ وڌيڪ بهتري

رپئي جي ملهه ۾ وڌيڪ بهتري، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر وڌيڪ هڪ رپيو 94 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 220 رپين جو ٿي ويو، انٽر بئنڪ ۾ 22 سيپٽمبر کان ڊالر هاڻي تائين 19 رپيا 71 پئسا سستو ٿي چڪو،

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڊالر جي قيمت هٿرادو طور وڌائي وئي هئي، هاڻي رپيو مٿي ۽ ڊالر هيٺ پيو وڃي، پاڪستان جي عوام سان ڪنهن کي به کيڏڻ نه ڏينداسين،

اسلام آباد احتساب عدالت ٻاهران ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ڪرنسي جو ملهه ڪنٽرول ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي،

ڏکين حالتن ۾ معيشت کي سڌي دڳ آندو آهي، اپٽما سان به معاملا طئي ٿي ويا آهن، سياسي پارٽيون واعدو ڪن ته معيشت تي سياست نه ٿيندي.

وڌيڪ پڙهو: