اهم خبرون

پاڪستان

October 7, 2022 12:49 pm

پنج ايم اين ايز ته آئون خريد ڪري رهيو آهيان،عمران خان جي هارس ٽريڊنگ بابت مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي

پنج ايم اين ايز ته آئون خريد ڪري رهيو آهيان، هنن کي چئو ته اسان کي وڌيڪ 5 وٺي ڏين،

10 ايم اين ايز ٿي وڃن ته اها راند اسان جي هٿ ۾ آهي: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي هارس ٽريڊنگ بابت مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي،

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آڊيو ۾ عمران خان چوي ٿو ته اوهان کي وڏي غلط فهمي آهي ته نمبر گيم پوري ٿي وئي،آئون پنهنجي پاران گهڻيو چالون هلي رهيون آهيان،

جيڪي پبلڪ نٿيون ڪري سگهجن، هن وقت سموري جاڳي پئي، ماڻهو چاهين ٿا ته ڪنهن به طريقي سان اسان کٽي وڃون،

تنهڪري ڪو به ڳڻتي نه ڪري ته اهو غلط آهي يا ٺيڪ آهي، ڪو به حربو هجي، هڪ هڪ ايم اين اي ڪو به ٽوڙي سگهي ٿو ته ان سان وڏو فرق پوندو.

وڌيڪ پڙهو: