اهم خبرون

پاڪستان

October 6, 2022 5:41 pm

نيب ترميمن مان لڳي ٿو ته 49 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ٺيڪ ۽ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ غلط آهي: جسٽس اعجاز الاحسن

 

نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي گذريل 21 سالن دوران ٿيل پلي بارگين جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش، جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته نيب ترميمن مان لڳي ٿو ته 49 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ٺيڪ ۽ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ غلط آهي، سمجهه کان ٻاهر آهي ته پلي بارگين سزا ختم ٿي سگهي ٿي،

ڏوهه ڪيئن ٿو ختم ٿي سگهي؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته نيب ترميمون گذريل حڪومت ڪيون هيون،

جنهن تي عمران خان جي وڪيل خواجه حارث اعتراف ڪيو ته مڃون ٿا ته نيب ترميمن جي شروعات پي ٽي آءِ حڪومت ڪئي هئي، هاڻي چيلينج به انهن ئي ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: