اهم خبرون

پاڪستان

October 6, 2022 4:11 pm

عمران خان ۽ قومپرست ٻوڏ صورتحال تي سياست ڪري رهيا آهن:پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

عمران خان ۽ قومپرست ٻوڏ صورتحال تي سياست ڪري رهيا آهن،

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ کي هٿ سان ٻوڙڻ وارن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب قيامت جهڙي صورتحال هئي، 33 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، متاثرن جو انگ ۽ مسئلا ايترا آهن،

جو جيتري به مدد ڪيون گهٽ نظر اچي ٿي، سياسي پارٽين کي اپيل آهي ته في الحال سياست تي “پاز” جو بٽن دٻائن،  سنڌ جو پئسو سپريم ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهي،

اهو واپس ڪيو وڃي ته ايل بي او ڊي ۽ ٻين منصوبن تي خرچ ڪري سگهون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  ٽي وي چينل کولي ڏسون ته اسلام آباد کان اڳتي هڪ الڳ پاڪستان نظر اچي ٿو،

ائين نٿو ٿي سگهي ته هڪ پاڪستان ٻڏندو رهي ۽ ٻي پاڪستان ۾ سياست ٿيندي رهي، ماڻهو زنده رهندا ته سياست ٿيندي، سنڌ ۾ اڃا 50 سيڪڙو علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي،

ڪوشش هوندي ته نومبر ۾ فصل پوکي سگهون، ڪجهه امير ملڪن وڌيڪ امير ٿيڻ جي چڪر ۾ سموري دنيا کي نقصان پهچايو، هاڻي پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي، عالمي برادري کان خيرات نه انصاف گهرون پيا.

وڌيڪ پڙهو: