شوبز

October 6, 2022 2:50 pm

هانيا عامر ۽ فرحان سعيد هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ نظر اچڻ لاءِ تيار

پاڪستان جي مشهور آن اسڪرين جوڙي اداڪارا هانيا عامر ۽ گلوڪار فرحان سعيد هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ نظر اچڻ لاءِ تيار آهن.

هن جوڙي جي خبر پاڪستاني سوشل ميڊيا پيجز تي جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي آهي.

ٽي وي اسڪرين تي تمام گهڻي پسند ڪيل جوڙي هانيا عامر ۽ فرحان سعيد جي ان خبر کي سندن مداحن لاءِ وڏي خوشي قرار ڏنو پيو وڃي.

تازو ئي ڊائريڪٽر قاسم علي مريد هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم تي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته هو مشهور ڊراما سيريل ’ميري همسفر‘ جي جوڙي هانيا ۽ فرحان سعيد سان مستقبل جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: