پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽي ملڪي سيريز کي ورلڊ ڪپ لاءِ فائديمند ۽ مددگار قرار ڏنو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ بابر اعظم جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ ۾ ٿيندڙ ٽي ملڪي سيريز مان پاڪستان کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو.
هن چيو ته نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش خلاف ميچون ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تيارين ۾ مددگار ثابت ٿينديون، ٽي 20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڪا به ٽيم آسان ناهي.
بابر اعظم وڌيڪ چيو ته نيوزيلينڊ وٽ تجربيڪار رانديگر آهن ۽ هي ٽيم پنهنجي گهرن جي حالتن ۾ سخت مخالف ثابت ٿي.
ڪپتان وڌيڪ چيو ته نيوزيلينڊ جون حالتون آسٽريليا جهڙيون آهن، انگلينڊ خلاف اسان مختلف ڪمبينيشن آزمايا جنهن ۾ طاقت ۽ ڪمزوريون نظر آيون.
واضح رهي ته ٽي ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون سڀاڻي آمهون سامهون ٿينديون، جڏهن ته ڇنڇر تي نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.