ڀارتي پوليس 12 ڪروڙ روپين جي چوري ۾ ملوث مرڪزي جوابدار کي پوني مان اڍائي مهينن کانپوءِ گرفتار ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 12 جولاءِ تي خانگي بئنڪ ۾ ڦرلٽ ۾ ملوث مرڪزي جوابدار جي سڃاڻپ 43 ورهين جي الطاف شيخ جي نالي سان ٿي آهي، سندس قبضي مان 9 ڪروڙ رپيا به هٿ ڪيا ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب پوليس جو چوڻ آهي ته مرڪزي جوابدار الطاف شيخ جي ڀيڻ نيلوفر سميت ٻين 5 ساٿين کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته الطاف شيخ ساڳئي بئنڪ ۾ سپروائيزر طور ڪم ڪندو هو ۽ بئنڪ جي لاڪرن جي چاٻين جي حفاظت ڪندو هو. هن هڪ سال جي عرصي ۾ ڦرلٽ جي رٿابندي ڪئي ۽ بئنڪ اندر وقت بوقت گهربل هٿيار گڏ ڪيا.
پوليس موجب الطاف شيخ چوري ڪرڻ کان پوءِ لباس تبديل ڪيو هو ۽ سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ برقعو استعمال ڪيو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ ڪري وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري جو امڪان آهي.