اهم خبرون

پاڪستان

October 6, 2022 1:48 pm

پارليامينٽ جـِي بـَي توقيري گهڻي ٿي وئي: چيف جسٽس

پارليامينٽ جـِي بـَي توقيري گهڻي ٿي وئي، جمهوريت جو وڌيڪ مذاق نه بڻايو، پي ٽي آءِ جا ميمبر سياسي عدم استحڪام چاهين ٿا، جيڪو ملڪ جـَي مفادن پٽاندر ناهي،

جن پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ناهن ٿيون، اهي پارليامينٽ ۾ ويهن،عدالت پارليامينٽ کي هدايتون نٿي ڏئي سگهي، شڪور شاد ڪيس ۾ به رڳو نظرثاني جو چيو آهي،

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جَي چيف جسٽس اطهر من الله جا پي ٽي آءِ جَي 10 اسيمبلي ميمبرن جي درخواست تي رمارڪس، چيف جسٽس چيو ته سياسي تڪرارن جو حل پارليامينٽ آهي،

مسئلن جي حل لاءِ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، 70 سالن کان عدالتون گهڻي ڀاڳي سياسي معاملن ۾ ملوث رهيون، جنهن سان عدليه جي اداري کي وڏو نقصان پهتو آهي،

وڪيل علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته عدالت استيعفائن جو آرڊر معطل ڪري ته اسپيڪر سان ڳالهائي سگهجي ٿو، چيف جسٽس چيو ته عدالت سياسي ڳالهين لاءِ اوهان کي سهولت فراهم نه ڪندي، پارليامينٽ وڃي پنهنجي نيڪ نيتي ثابت ڪيو.

وڌيڪ پڙهو: