پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نيب قانون ۾ ترميم کانپوءِ احتساب جو قانون ختم ٿي چڪو آهي، ڪرپشن ڪندڙ هاڻي پلي بارگين تحت واپس ڪيل ٻيهر وٺڻ جو چوندا،
هي اقتدار ۾ آيا ئي پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ هئا،
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته معيشت بابت آرمي چيف جي بيان جي آجيان ڪيون ٿا، جيسيتائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ايندو، ملڪي معيشت بهتر نه ٿيندي.