دبئي: آءِ سي سي ٽي 20 رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.
بيٽسمينن جي نئين ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان جي پهرين پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو ٻئين نمبر تي آهي.
پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم رينڪنگ ۾ ٽئين نمبر تي برقرار آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 6 درجا بهتري سان 12هين نمبر تي اچي ويو آهي.
بالرز جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ پهرين نمبر تي برقرار آهي جڏهن ته افغانستان جو راشد خان رينڪنگ ۾ ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي.
سريلنڪا جو ونندو هسرنگا ٽئين ۽ آسٽريليا جو ايڊم زمپا چوٿين نمبر تي آهي. ڏکڻ آفريڪا جو تبريز شمسي رينڪنگ ۾ پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.