ايران جي اتر اولهه وارن علائقن ۾ شديد زلزلي سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب ايران جي اتر اولهه وارن علائقن ۾ اڱاري ڏينهن 5.7 جي شدت سان زلزلو آيو، جنهن سان متاثر علائقن ۾ خوف پکڙجي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب متاثر علائقن ۾ زخمين جا اطلاع ملندي ئي امدادي اهلڪار مختلف علائقن ۾ پهچي ويا، جن 276 ماڻهن جي زخمين ۽ 68 جي معمولي زخمين جي تصديق ڪئي.
ميڊيا رپورٽن موجب زلزلي جو مرڪز اولهه آذربائيجان صوبي جي شهر خوري جي ويجهو هو، زلزلي جي گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي.