اڳوڻي وزيراعظم عمران ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جـِي سائفر بابت آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم، ايف آءِ اي جي 5 رڪني جاچ ٽيم جي سربراهي اسلام آباد زون جو ڊائريڪٽر ڪندو،
آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جا 3 نمائندا به ڪميٽي ۾ شامل هوندا،
نوٽيفڪيشن موجب جاچ ڪميٽي آڊيو ليڪس تي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ وفاقي ڪابينا کي پيش ڪندي، ذريعن موجب ڪميٽي عمران خان، شاهه محمود قريشي،
اسد عمر ۽ اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان کي طلب ڪري سگهندي.