بين الاقوامي

دنيا

October 5, 2022 1:48 pm

محبوبه مفتي کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو

والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير محبوبه مفتي کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو.

محبوبه مفتي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ حراست جي تصديق ڪئي آهي.

محبوبه مفتي جو چوڻ آهي ته گذريل رات مون کي ٻڌايو ويو ته مون کي اتر ڪشمير جي علائقي پٽان وڃڻ جي اجازت ناهي.

هن چيو ته اڄ پوليس اسان جي گهر جا دروازا ٻاهران بند ڪري ڇڏيا آهن.

اڳوڻي وڏي وزير محبوبه مفتي جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بزدليءَ سان پنهنجي حرڪتن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

وڌيڪ پڙهو: