سنڌ هاءِ ڪورٽ، لاڙڪاڻي جي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر حاڪم علي ابڙو جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو،
جسٽس محمد جنيد غفار ۽ جسٽس آغا فيصل تي ٻڌل 2 رڪني بينچ نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت حڪم ۾ چيو ته يونيورسٽي ايڪٽ تحت سينيٽ جي منظوري سان وقتي وي سي مقرر ڪري سگهجي ٿو پر حاڪم ابڙو جي مقرري ۾ سينيٽ جي ڪارروائي مڪمل ناهي ٿي،
جيستائين سينيٽ جي ڪارروائي مڪمل نه ٿيندي، مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن معطل رهندو.