لاهور جي احتساب عدالت وزيراعظم شهباز شريف کي آشيانه اقبال ريفرنس ۾مستقل حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو،
عدالت ڄاڻايو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي آئيني ۽ سرڪاري ذميواريون نڀائڻيون آهن، اها حقيقت آهي ته شهباز شريف 2021 کان مسلسل عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي،
شهباز شريف جي پيش نه ٿيڻ سان ٽرائل متاثر نه ٿيندو، عدالت جي طلب ڪرڻ تي شهباز شريف پيش ٿيڻ جو پابند هوندو.