پاڪستان

October 5, 2022 1:21 pm

استعيفائن جي منظوري واري معاملي تي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

استعيفائن جي منظوري واري معاملي تي تحريڪ انصاف جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر، چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بينچ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي،

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ميمبرن آئين جي آرٽيڪل 64 تحت استعيفائون ڏنيون،

قانون موجب ميمبرن کي ٻڌڻ کانسواءِ اسپيڪر سندن استعيفائون منظور نٿو ڪري سگهي، عدالت کي استدعا آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي هدايت ڪئي وڃي ته استعيفائن جي منظوري بابت آئيني ذميواري پوري ڪري.

وڌيڪ پڙهو: