اهم خبرون

سنڌ

October 5, 2022 1:18 pm

سنڌ ۾ وبائي بيمارين وگهي فوتگين جو سلسلو بند نه ٿيو

سنڌ ۾ وبائي بيمارين وگهي فوتگين جو سلسلو بند نه ٿيو، وڌيڪ ڇهن ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو، ٺل ويجهو ڳوٺ عبدالوهاب کوسو ۾ مليريا وگهي 35 ورهين جو فهيم کوسو حياتي وڃائي ويٺو،

بخشاپور  جـَي  ڳوٺ محمد نواز ڀٽو واسي 7 ورهين جو طارق محمود ڀٽو مليريا وگهي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ فوت، خيرپور جي جانوري پاڙي ۾ اڍائي ورهين جو شايان جانوري گيسٽرو وگهي دم ڏنو،

خيرپور جي ئي ڳوٺ شير خان چانڊيو واسڻ 8 ورهين جي معصوما چانڊيو دماغي مليريا وگهي فوت ٿي وئي،  ميروخان ويجهو ڳوٺ رئيس ڀنڀو چانڊيو ۾ 17 ورهين جو ارباب چانڊيو مليريا وگهي فوت ٿيو، ڪنب ويجهو ڳوٺ گل سومرو واسي 50 ورهين جي آڍو خان سومرو گيسٽرو وگهي دم ڏنو.

وڌيڪ پڙهو: