اهم خبرون

سنڌ

October 5, 2022 1:16 pm

سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب 760 ماڻهو فوت ٿيڻ ۽ 8 هزار 422 زخمي ٿيڻ جي تصديق

سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب 760 ماڻهو فوت ٿيڻ ۽ 8 هزار 422 زخمي ٿيڻ جي تصديق، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن،

24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 38 هزار 2 سئو 50 ڪٽنبن کي راشن بيگ ڏنا ويا، مجموعي طور تي 13 لک 22 هزار 6 سئو 3 ماڻهن کي راشن ڏنو ويو ، متاثرن کي خيما، ترپال، مڇر دانيون ۽ سولر لائٽس به فراهم ڪيون ويون،

جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته متاثرن کي پچايل کاڌي جون ديڳون ۽ ٻيو سامان به ڏنو ويو،

رليف ڪيمپن مان 18 سئو ماڻهن پنهنجي گهرن ۾ موٽي چڪا آهن، 3 لک 35 هزار 7 سئو 18 متاثر ڪيمپن ۾ ترسيل آهن.

وڌيڪ پڙهو: