اهم خبرون

سنڌ

October 5, 2022 1:11 pm

قدرتي آفت سبب ماڻهن جون زندگيون متاثر ٿيون آهن،چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ، ٻوڏ متاثرن جـِي بحالي لاءِ سول ججز جـِي سربراهي ۾ جوڙيل نگراني ڪميٽي جي قيام خلاف اسٽي ڏيڻ واري سنڌ حڪومت جي استدعا رد ڪري ڇڏي،

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جـِي سربراهي ۾ بينچ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف استدعا رد ڪندي نگران ڪميٽين کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت،

عدالت سول ججز جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽين کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري ڪم ۾ مداخلت ۽ ڪنٽرول کان روڪي ڇڏيو،  چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته قدرتي آفت سبب ماڻهن جون زندگيون متاثر ٿيون آهن،

سنڌ حڪومت سمجهي ٿي ته ڪميٽين جي جوڙجڪ ايگزيڪيوٽو جي بحالي ۽ رليف جي ڪم ۾ مداخلت آهي، ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيون ٿا،

جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ آرڊر جاري ڪيو، مناسب ٿيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اسٽي ڏينداسين.

وڌيڪ پڙهو: