اهم خبرون

پاڪستان

October 5, 2022 1:07 pm

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران مدو پورو ٿيڻ بعد عهدو ڇڏڻ جو اعلان

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران ملازمت وارو مدو پورو ٿيڻ بعد عهدو ڇڏڻ جو اعلان،

واشنگٽن ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف چيو ته ملازمت وارو مدو پورو ٿيندي ئي عهدو ڇڏڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو پاڙيندس،  هٿياربند فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آهي,

۽ پري ئي رهڻ چاهي ٿي، مضبوط معيشت کانسواءِ سفارتڪاري نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي قوم پنهنجا حدف حاصل ڪري سگهي ٿي،

بيمار معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ملڪ جي هر طبقي جي ذميواري آهي ته پنهنجو ڪردار ادا ڪري،  آرمي چيف واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي آجياڻي ۾ به شرڪت ڪئي.

وڌيڪ پڙهو: