پشاور ويجهو دهشتگردن جي پاڪ فوج جي قافلي تي فائرنگ ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد به مارج ويا.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب حسن خيل واري علائقي ۾ دهشتگردن پاڪ فوج جي قافلي کي نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان جهيڙيندي لانس نائيڪ محمد پناهه ۽ سپاهي شمس الدين شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ ٽي دهشتگرد به مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز مٿان حملن ۾ ملوث هئا.