اهم خبرون

پاڪستان

October 4, 2022 5:29 pm

عمران خان دوست ملڪن سان لاڳاپن ۽ سي پيڪ کي نقصان پهچايو:وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان دوست ملڪن سان لاڳاپن ۽ سي پيڪ کي نقصان پهچايو، اڳوڻي حڪومت جي ڪوڙ ۽ ڌوڪي تي ٻڌل پاليسين سبب معيشت به تباهه ٿي وئي.

وزيراعظم شهباز شريف پاران برطانوي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته عمران خان کي ڄاڻي واڻي کنيل ڏوهي قدمن جو جواب ڏيڻو پوندو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عمران خان آمريڪا سان لاڳاپن کي بنا ڪنهن سبب جي نقصان پهچايو، چين سان به لاڳاپن کي ٻيهر بهتر بڻائينداسين.

وزيراعظم  شهباز شريف چيو ته مان عمران خان عوام کي ادارن خالف ڀڙڪائڻ چاهي ٿو پر هن جي اهڙي سازش ناڪام ٿيندي، هن چيو ته فيصلن ۾ نوازشريف سان مشاورت ضرور ڪندو آهيان، مڪمل طور تي بااختيار آهيان.

وڌيڪ پڙهو: