پاڪستان

October 4, 2022 4:27 pm

سپريم ڪورٽ جو نيب قانون ۾ ترميم خلاف ٻڌڻي ڪرڻ جو فيصلو

سپريم ڪورٽ جو نيب قانون ۾ ترميم خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست تي روزانو ٻڌڻي ڪرڻ جو فيصلو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،

عمران خان جي وڪيل خواجه حارث دليل مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو وقت گهرندي چيو ته ڪرپشن لڪائڻ لاءِ احتساب عدالتن جا اختيار گهٽيا ويا، نيب ترميم تحت واپس ڪيل ريفرنسز جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي،

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته رڳو بنيادي حقن ۽ آئين جي ڀڃڪڙي کي ڏسنداسين.

وڌيڪ پڙهو: