اهم خبرون

پاڪستان

October 4, 2022 3:08 pm

آرٽيڪل 62 ون ايف ڪارو قانون آهي:چيف جسٽس عمر عطا بنديال

فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف ڪارو قانون آهي،هن ڪيس کي محتاط ٿي ٻڌنداسين.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس  جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس ڄاڻايو ته اليڪشن ڪميشن کي ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرائڻ جي جاچ جو اختيار آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي وڌيڪ ڄاڻايو ته اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا ڪيس ۾ حقيقتن جو درست جائزو ورتو آهي.

چيف جسٽس ڄاڻايو ته اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم ڪجي تڏهن به حقيقت ساڳي ئي رهندي.

عدالت ڄاڻايو ته سوال اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن مستقل نااهلي جو فيصلو ڪري سگهي ٿي يا نه؟، ڪيس کي تفصيل سان ٻڌنداسين، اڄ وقت گهٽ آهي.

عدالت ڪيس جي  ٻڌڻي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: